آزاد ڪشمير چونڊون: ٻئي مرحلي ۾ به ن ليگ اڳتي، 20 مان 13 سيٽن تي ڪاميابي

2 Min Read

مظفرآباد: (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي کان اڳتي آهي.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 20 چونڊ سيٽن مان مسلم ليگ ن 13 سيٽون کٽي ورتيون آهن، جڏهن ته پيپلز پارٽي جا 5 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.

نتيجن موجب ايل اي 25 نيلم ون تان مسلم ليگ ن جي شاهه غلام قادر، ايل اي 26 نيلم تان پيپلز پارٽي جي عبدالوحيد ۽ ايل اي 29 مظفرآباد سٽي ٿري تان پيپلز پارٽي جي مختار عباسي ڪامياب ٿيا.

ايل اي 30 مظفرآباد فور تان ن ليگ جي مصطفيٰ بشير، ايل اي 32 مظفرآباد سڪس تان راجا فاروق حيدر، ايل اي 33 مظفرآباد سيون تان پيپلز پارٽي جي ديوان علي خان ڪامياب ٿيا.

جموں وارن تڪن ۾ ن ليگ اڳتي رهي، جتي ايل اي 34 کان 39 تائين ن ليگ جي ناصر حسين ڊار، چوڌري محمد اسماعيل گجر، حسن حافظ رضا، مريم جاويد ۽ راجا محمد صديق سميت اميدوار ڪامياب ٿيا.

ڪشمير وادي جي سيٽن تي به ن ليگ اڪثريت حاصل ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ايل اي 40 ۽ ايل اي 45 تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

غير حتمي نتيجن موجب ٻئي مرحلي ۾ مسلم ليگ ن واضح برتري حاصل ڪندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته حتمي نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment