شڪارپور ۾ ٽول ٽيڪس تڪرار تان بس ڊرائيور مبينا طور ٽول ملازم کي چيڀاٽي ڇڏيو

1 Min Read

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ انڊس هاءِ وي تي قائم ٽول پلازا تي ٽول ٽيڪس جي معاملي تان ٿيل تڪرار دوران بس ڊرائيور مبينا طور ٽول پلازا ملازم کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ملازم موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي ملازم جي سڃاڻپ علي رضا شر طور ٿي آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب ٽول ٽيڪس اوڳاڙي دوران بس ڊرائيور ۽ عملي وچ ۾ منهن ماري ٿي، جنهن بعد ڊرائيور مبينا طور بس اڳتي وڌائي، جنهن هيٺ اچي ملازم فوت ٿي ويو.

واقعي بعد بس ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو ۽ واقعي جا ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پوليس فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي. فوتي جي وارثن جوابدار جي فوري گرفتاري ۽ سخت قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment