واشنگٽن ڊي سي (ويب نيوز) وچ اوڀر ۾ ايران خلاف آمريڪي جنگ بابت خدشا ٻيهر وڌڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي، خام تيل جون قيمتون لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو اضافي سان بند ٿيون.
رپورٽن موجب برينٽ خام تيل جي فيوچرز قيمت 4 ڊالر 8 سينٽ، يعني 4.1 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 104 ڊالر 28 سينٽ في بيرل ٿي وئي.
آمريڪي خام تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي قيمت به 3.6 سيڪڙو، يعني 3 ڊالر 21 سينٽ واڌ سان 91 ڊالر 49 سينٽ في بيرل تي پهچي وئي.
واپار دوران ٻنهي قسمن جي خام تيل جي قيمتن ۾ ڪنهن وقت 5 ڊالر في بيرل کان وڌيڪ واڌ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽن موجب، آمريڪا جي امڪاني حملن بابت خدشن سبب برينٽ خام تيل جي قيمت 29 سيپٽمبر کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي وئي.


