ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ملاقات ڪئي، جنهن دوران سکر جي جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن، بلدياتي خدمتن، بلدياتي سڌارن، موسمياتي لچڪ ۽ شهر ۾ وڏي سيڙپڪاري جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ يوئي.
بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، بلاول ڀٽو زرداري کي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي، جاري ترقياتي منصوبن ۽ شهرين کي بهتر بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني.
هن ٻڌايو ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي جديد بڻائڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي، جنهن جو مقصد جديد ۽ مرحليوار پيپر ليس بلدياتي نظام قائم ڪرڻ آهي.
ملاقات دوران صاف پيئڻ جي پاڻي جي وڏي منصوبي بابت به بريفنگ ڏني وئي. منصوبي جو پلان ۽ آپريشنل ماڊل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهو هن وقت پي پي پي پاليسي بورڊ جي منظوري جو منتظر آهي. منصوبي سان سکر جي 6 لک 50 هزار کان وڌيڪ شهرين ۽ هڪ لک کان وڌيڪ گهرن کي صاف ۽ قابلِ اعتماد پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي.
ارسلان اسلام شيخ موجب سکر جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گندو پاڻي درياهه سنڌ ۾ ڇوڙ ٿيڻ کان اڳ ٽريٽ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ 100 سيڪڙو گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
هن درياهه سنڌ جي ماحولياتي نظام ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ لاءِ انڊس ريور بلائنڊ ڊولفن ۽ مٺي پاڻي جي ڪڇن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو.
ملاقات دوران سنڌ جي پنج ڊويزنل هيڊڪوارٽرز سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد لاءِ تقريبن هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري پلان تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ارسلان اسلام شيخ موجب منصوبي ۾ صاف پاڻي، سيوريج ۽ گندي پاڻي جي انتظام، جديد سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، لينڊ فل سائيٽن، ريسورس ريڪوري، موسمياتي تبديلي کان محفوظ انفراسٽرڪچر، شجرڪاري، اربن فاريسٽري ۽ جديد ماسٽر پلان شامل هوندا.
هن ٻڌايو ته سکر لاءِ اربن ريزيلينس ٽرسٽ فنڊ تحت موسمياتي تبديلي ۽ شديد گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ 20 لک آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ منظور ٿي چڪي آهي، جيڪا قرض نه پر گرانٽ آهي ۽ ان جي واپسي نه ڪرڻي پوندي.
ارسلان اسلام شيخ موجب بين الاقوامي صلاحڪار نومبر 2026ع ۾ سکر ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي اميد آهي، جنهن کان پوءِ شهر کي درپيش موسمياتي خطرن ۽ شهري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سيڙپڪاري لائق منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويندو.
ملاقات ۾ ليڊيز ورلڊ منصوبي ۽ گڊاني ڦاٽڪ اوور هيڊ برج سميت سکر جي ٻين وڏن شهري ترقياتي منصوبن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.
بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ جاري ترقياتي قدمن ۽ شهري خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيندي پائيدار شهري ترقي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ترقياتي منصوبن جا فائدا سڌو سنئون عوام تائين پهچائڻ تي زور ڏنو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهرين کي معياري شهري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ اولين ترجيح هجڻ گهرجي.


