ٽنڊوالهيار (رپورٽ: خميسو دائوداڻي) چمبڙ ۾ هڪ خانگي مدرسي ۾ درسي تعليم حاصل ڪندڙ بدين جي دمبالو واسي 14 ورهين جو شاگرد عمران ڪورائي پراسرار نموني فوت ٿي ويو.15 ڏينهن اڳ مدرسي جي پيش امام کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ پهچايو، جتي هو علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو.
ڊاڪٽرن جي شروعاتي طبي رپورٽ موجب نينگر کي مبينا طور نشي آور يا زهريلي شيءِ ڏني وئي، جڏهن ته ساڻس مبينا جنسي ڏاڍائي جو به شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته واقعي جي اصل حقيقت پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽن کان پوءِ سامهون ايندي.
واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاهه اسپتال پهچي جاچ جو جائزو ورتو. پوليس مدرسي سان لاڳاپيل ٻن مولوين سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽن جي بنياد تي ڪئي ويندي.
فوتي نينگر جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.


