آمريڪي جهاز هرمز لنگهه ويجهو ايمرجنسي سگنل ڏيڻ کانپوءِ لاپتا

1 Min Read

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي هوائي فوج جو E-3B سينٽري جهاز هرمز لنگهه ايمرجنسي سگنل 7700 ڏيڻ کانپوءِ ريڊار تان گم ٿي ويو.
فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽ فلائيٽ ريڊار 24 موجب جهاز جي آخري لوڪيشن 19 هزار فوٽ کان وڌيڪ اوچائي تي هرمز لنگهه ڀرسان رڪارڊ ٿي.
رپورٽن موجب جهاز 22 هزار فوٽ کان 17,700 فوٽ تائين تيزي سان هيٺ آيو ۽ رخ تبديل ڪري عمان ۽ هرمز لنگهه کان پري عرب ٻيٽ جي اندروني هوائي رستي ڏانهن وڌيو.

قطر ۾ آمريڪي هوائي اڏي تان ٻارڻ ڀرڻ وارا ٽينڪر به مدد لاءِ روانا ٿيندي ڏٺا ويا.

سوشل ميڊيا تي جهاز کي ايران طرفان ڪيرائڻ جون دعوائون گردش ڪري رهيون آهن، پر آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان جهاز جي تباهي يا ڪيرائڻ جي ڪا سرڪاري تصديق ناهي ڪئي وئي.

دفاعي ماهرن موجب ايمرجنسي ڪوڊ 7700 انجڻ ۾ خرابي، باهه يا طبي ايمرجنسي سميت مختلف مسئلن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري ان مان لازمي طور تي فوجي حملي جو نتيجو ڪڍڻ درست ناهي.

Share This Article
Leave a Comment