ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ريبيز (ڪتي جي چڪ واري خطرناڪ بيماري) سبب 2 ڏينهن دوران جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ سانگهڙ جو 11 سالن جو ٻار به شامل آهي. ان سان گڏ سنڌ ۾ هن سال ريبيز سبب فوتين جو انگ 25 ٿي ويو آهي.
جي پي ايم سي ۾ فوت ٿيل ٻار کي 4 مهينا اڳ سانگهڙ ۾ ڪتي چڪيو هو، جڏهن ته قيوم آباد ڪراچي جو 24 سالن جو نوجوان 2 مهينا اڳ ڪتي جي چڪ کانپوءِ ڪو علاج نه ڪرايو ۽ اسپتال پهچڻ جي ڪجهه ڪلاڪن اندر فوت ٿي ويو.
جي پي ايم سي ۾ هن سال ريبيز جا 8 ڪيس سامهون آيا، جن مان سڀني جو انجام فوت ٿيڻ يا ڊاڪٽرن جي صلاح خلاف اسپتال ڇڏڻ جي صورت ۾ ٿيو. اسپتال موجب علامتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ريبيز بيماري اٽڪل 100 سيڪڙو موتمار ٿي سگهي ٿي.
انگن اکرن موجب جنوري کان 20 آگسٽ تائين ڪتي جي چڪ جا 8856 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته فالو اپ ويڪسين جون 14704 خوراڪون ڏنيون ويون.
انڊس اسپتال ۾ پڻ هن سال 13000 کان وڌيڪ ڪتي جي چڪ جا ڪيس سامهون آيا آهن.
اسپتال موجب سنڌ جي مختلف علائقن مان ريبيز جا 4 ڪيس ماهرن سان صلاح لاءِ آندا ويا، جڏهن ته حيدرآباد جي 30 سالن جي عورت ريبيز جي آخري مرحلي ۾ انڊس اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪتي جي چڪ يا معمولي رهڙ لڳڻ کانپوءِ به فوري طور زخم صاف ڪرائڻ، ريبيز جي ويڪسين ۽ ضرورت پوڻ تي ريبيز اميونوگلوبلن وٺڻ ضروري آهي.
ماهرن موجب انساني جان بچائڻ لاءِ ڪتن جي آبادي تي انساني طريقي سان ضابطو آڻڻ ۽ اسپتالن ۾ بروقت علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ به ضروري آهي.


