ڪراچي (رپورٽر) ماڙي پور ۾ گهر ٻاهران کيڏڻ لاءِ نڪتل 9 ورهين جو ٻار پراسرار طور گم ٿيڻ کانپوءِ کليل نالي مان فوت ٿيل حالت ۾ هٿ آيو.
ريسڪيو رضاڪارن کليل نالي مان ٻار جو لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ ايان نالي سان ٿي آهي.
والد موجب ايان گذريل ڏينهن گهر کان ٻاهر کيڏڻ لاءِ نڪتو هو، جنهن کانپوءِ واپس نه آيو. وارثن ٻار کي گهڻو ڳولڻ سان گڏ پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو هو.
ٻار جي اوچتي فوتگي سبب وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ سوڳ جي فضا ڇانيل رهي. ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.


