واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ امن ڳالهين لاءِ ايراني وفد جي دوري دوران اسرائيل، ايران جي اعليٰ سطحي ڳالهين ڪندڙن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو هو.
رپورٽ موجب، اسرائيل مبينا طور ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف کي نشانو بڻائڻ جو ارادو رکندو هو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي انتظاميا خدشن کي نظر ۾ رکندي علائقي جي ڪجهه ملڪن وسيلي ايران کي ممڪن اسرائيلي ڪارروائي بابت اڳواٽ آگاهه ڪيو هو.
اخبار موجب، اپريل ۾ اسلام آباد جي دوري دوران ايراني اختيارين پاڪستاني ۽ قطري ثالثن جي ذريعي آمريڪا کان اها خاطري گهري هئي ته ايراني وفد کي نشانو نه بڻايو ويندو.
رپورٽ ۾ اهو به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستاني هوائي فوج جي جهازن ايراني وفد جي جهاز کي ايران کان پاڪستان ۽ پاڪستان کان واپسي تائين حفاظتي حصار فراهم ڪيو.
واپسي دوران ايراني اختيارين کي انٽيليجنس ذريعي اطلاع مليو ته اسرائيلي جهاز عراق جي فضائي حدن مان ايران ڏانهن وڌي رهيا آهن، جنهن کان پوءِ اها ڄاڻ واپس ويندڙ جهاز تائين پهچائي وئي ۽ جهاز کي مشهد ايئرپورٽ تي لاٿو ويو.
رپورٽ موجب، ان واقعي جي تصديق باقر قاليباف جي سينيئر صلاحڪار محمد مراندي پڻ ڪئي آهي.
واضح رهي ته هي سمورا تفصيل آمريڪي اخبار جي رپورٽ تي ٻڌل آهن، جن جي آزاد ذريعن کان سرڪاري تصديق سامهون ناهي آئي.


