اوول ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ وومينز، ڏکڻ آفريڪا وومينز کي 40 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. ڪپتان نيٽ شائور برنٽ شاندار بيٽنگ ڪندي 75 رنسون اسڪور ڪيون، جڏهن ته هيذر نائيٽ 58 رنسن جي اهم اننگز کيڏي.ڏکڻ آفريڪا طرفان ملابا ۽ شبنم اسماعيل ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
170 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ئي ٺاهي سگهي. تزمين برٽز 51 رنسون ٺاهي نمايان رهي، پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهي.
انهيءَ فتح سان انگلينڊ وومينز ٽيم ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جتي هاڻي ان جو مقابلو آسٽريليا وومينز سان آچر، 5 جولاءِ تي ٿيندو.