ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جي چاليهي جي موقعي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان نڪرندو، جڏهن ته جلوس جي رستن ڏانهن ويندڙ ڪيترائي رستا ڪنٽينر رکي بند ڪيا ويا آهن.
ايم اي جناح روڊ ٽريفڪ لاءِ بند رهندو، جڏهن ته مختلف علائقن مان ايندڙ گاڏين لاءِ متبادل رستا مقرر ڪيا ويا آهن.
ٽريفڪ پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته سفر کان اڳ ٽريفڪ پلان کي نظر ۾ رکن ۽ متبادل رستا اختيار ڪن.


