واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ جي خاتمي ۽ اسٽريٽ آف هُرمز کي ٻيهر کولڻ بابت اهم مفاهمتي يادداشت تي مقرر وقت کان اڳ ئي صحيحون ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اهو معاهدو نافذ العمل ٿي ويو آهي۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ صدر ايمانول ميڪرون سان گڏ آجياڻي دوران هن معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن جي وڊيو وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪئي وئي آهي۔
ٻئي پاسي ايران جي سرڪاري ميڊيا تصويرون جاري ڪيون آهن جن ۾ صدر مسعود پزشڪيان مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪندي نظر اچي رهيا آهي۔
ايراني صدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي هڪ تاريخي دستاويز آهي جيڪو امن، باهمي احترام ۽ خودمختياري جي اصولن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ ايران پنهنجي عزت ۽ خودمختياري تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي آهي، جڏهن ته اهو معاهدو ايران جي استقامت، ثابت قدمي ۽ ذميوار سفارتڪاري جو نتيجو آهي۔ معاهدي تحت جنگ جي خاتمي تي اتفاق، آبنائي هرمز جي ٻيهر کولڻ ۽ علائقي ۾ سامونڊي آمدرفت جي بحالي سميت ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڳالهين جي نئين مرحلي جي شروعات شامل آهي۔


