ڊاڪٽر تبسم چانڊيو
پاڪستان جي هڪ اهڙي ڪنڊ جتي سج جون ڪِرڻون عورتن جي خوابن تائين مشڪل سان پهچنديون آهن، جتي مٽيءَ سان ڀريل هوائون نسلن جي خاموشي پاڻ سان کڻي هلنديون آهن، اتي منهنجي پيدائش ٿي،تبسم چانڊيو.
مان پنجن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ هيس، محبت ۾ ويڙهيل پر پابندين ۾ جڪڙيل. منهنجو والد تعليم يافته هو، پر ذميوارين سندس صلاحيتن کي زنجيرن ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. هو مون سان بيحد محبت ڪندو هو، پر صرف محبت مون لاءِ ڪافي ڪتاب خريد نٿي ڪري سگهي.
منهنجي قسمت به انهن ئي رستن تي هلڻ لاءِ لکجي چڪي هئي، جن تي مون کان اڳ ڪيترين ئي نسلن جون عورتون هلنديون آيون هيون، هڪ اهڙو رستو جيڪو شادي تي ختم ٿيندو هو ۽ خوابن جي خاموش قرباني گهُرندو هو. پر منهنجي اندر بغاوت جو هڪ شعلو ٻري رهيو هو. مان ٻين جهڙي نه هيس. مان خاموشيءَ سان مٽجي وڃڻ واري نه هيس.
مون کي ان وقت به يقين هو ته منهنجي لاءِ ڪجهه وڌيڪ لکيل آهي، ڪجهه گهڻو، ڪجهه عظيم، ڪجهه اهڙو جيڪو مون کي مليل زندگيءَ کان گهڻو وڏو آهي. منهنجي اندر جي ڪنهن آواز کي يقين هو ته مان ڪنهن وڏي مقصد لاءِ پيدا ٿي آهيان.
جنهن ننڍڙي ۽ قدامت پسند ضلعي ۾ منهنجي پرورش ٿي، اتي ڇوڪرين لاءِ موقعا تقريباً نه هئڻ برابر هئا. تعليم هڪ آسائش سمجهي ويندي هئي ۽ ڪم ڪرڻ تقريباً ناممڪن هو. مان پنهنجن ڀائرن کي سندن رستن تي وڌندي ڏسندي هيس ۽ ڄاڻندي هيس ته جيڪڏهن مون پنهنجي تعليم، پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي آزاديءَ جي حق لاءِ جدوجهد نه ڪئي ته ڪو ٻيو اها جنگ منهنجي لاءِ نه وڙهندو.
منهنجو والد، تعليم يافته هئڻ باوجود، بمشڪل گهر جو خرچ هلائي سگهندو هو. اسان جي زندگي غربت جي پاڇي ۾ گذرندي هئي ۽ هر ڏينهن بقا جي هڪ نئين جنگ هوندو هو. پر منهنجي اندر ڪجهه اهڙو هو جيڪو هن تقدير کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو. هڪ خاموش يقين ته هي منهنجي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي نه، پر شروعات آهي.
جڏهن مان پندرهن ورهين جي ٿيس ته ڳالهيون شروع ٿي ويون.
“هاڻي هيءَ وڏي ٿي وئي آهي“
“سهڻي به آهي“
“آخر هيءَ رڳو هڪ ڇوڪري ئي ته آهي. شادي ڪرائي ڇڏيو، ان کان اڳ جو گهڻي بهادر ٿي وڃي.
مان پنهنجي چوڌاري اهڙيون ڇوڪريون ڏسندي هيس، جيڪي سونهري پنجرن ۾ قيد هيون. اهڙا خواب جيڪي وقت کان اڳ بند ٿي ويندڙ دروازن جي پويان دفن ٿي ويا هئا، جن کي جيئڻ جو موقعو ئي نه مليو هو.
پر مان ڪجهه ٻيو چاهيندي هيس.
مان ڪنوار جو لباس نه، پر ڊاڪٽر وارو اڇو ڪوٽ پاهڻ جي خواهشمند هيس.
مون پنهنجي والدين کي التجا ڪئي ته منهنجي تعليم ۾ منهنجو ساٿ ڏين. شروعات ۾ منهنجو والد هٻڪ ڏيکاري، پوءِ هن مون کي هڪ ڇوڪرين جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي تعليم جو معيار ڪمزور هو ۽ ڪلاس حد کان وڌيڪ ڀريل هئا. پر مون کي اتي سڪون مليو.
پر جدوجهد اتي ختم نه ٿي.
فيس اسان جي وس کان ٻاهر هئي، ۽ جڏهن مان نائين جماعت ۾ پهتيس ته مون پاڻ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. مون ننڍڙن ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو. اسڪول کان پوءِ رات دير تائين هڪ ڪوچنگ سينٽر ۾ جونيئر شاگردن کي ٽيوشن ڏيندي هيس ۽ ان جي بدلي ۾ پنهنجي فيس وٺندي هيس.
هي هڪ ننڍڙي شروعات هئي، پر پهريون ڀيرو مون کي محسوس ٿيو ته مان پنهنجي تقدير پاڻ لکي رهي آهيان.
نائين جماعت تائين مان نرسري جي ٻارن کي پڙهائي رهي هيس. آمدني نه هئڻ برابر هئي، پر ايتري ضرور هئي جو منهنجا خواب زنده رهي سگهن.
جڏهن مان ٻارهين جماعت ۾ پهتيس ته مون پنهنجو مقصد واضح ڪري ڇڏيو هو: مون کي ڊاڪٽر ٿيڻو هيو.
منهنجا والدين خاموش هئا، چوڌاري موجود ماڻهو مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
“توکي خبر آهي ايم بي بي ايس ڪيتري مهانگي تعليم آهي؟”
“امير خاندان به ان جو خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا آهن.”
پر مون همت نه هاري. خواب خاموشيءَ ۾ ناهن مرندا، اهي وڌيڪ بلند آواز سان سڏڻ لڳندا آهن. منهنجو خواب به منهنجي اندر ايترو زور سان پڪاريندو هو جو هر شڪ ۽ هر خوف کان وڌيڪ طاقتور محسوس ٿيندو هو.
“مان ڊاڪٽر بڻجنديس،” مون چيو، “ڀلي ان لاءِ مون کي پنهنجي هر شيءِ قربان ڇو نه ڪرڻي پوي.”
هڪ ڏينهن منهنجي سڀ کان وڌيڪ حوصلا افزائي ڪندڙ ڀاءُ منهنجين اکين ۾ ٻرندڙ باهه ڏسي ورتي. هن منهنجي خاموش نگاهن ۾ لڪل خوابن کي سڃاڻي ورتو.
ڀاءُ چيو شايد بابا توکي ڪجهه ڏئي سگهي. شايد تون وڌيڪ تعليم حاصل ڪري سگهين.”
اهي لفظ اونداهيءَ ۾ هڪ ننڍڙي روشنيءَ جي ڪرڻي وانگر هئا. مون همت ڪري پنهنجي ماءُ وٽ وڃي ڳالهه ڪئي. مون پڇيو، ۽ حيرت انگيز طور تي هن ها ڪئي.
امان چيو “ايد تنهنجو والد توکي اهي پنج لک روپيا ڏئي سگهي، جيڪي تنهنجي مستقبل جي ڏاج لاءِ رکيا ويا آهن.”
مان حيران رهجي ويس.
ڏاج جي اها رقم، جيڪا هن سماج ۾ منهنجي مستقبل جي حفاظت سمجهي ويندي هئي، هاڻي منهنجي تعليم جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي.
مون پنهنجي والد ڏانهن ڏٺو ۽ اهي لفظ چيم، جن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي، مون کي منهنجي ڏاج جا پئسا ڏئي ڇڏيو. صرف هڪ ڀيرو مون تي ڀروسو ڪريو. مان پاڻ کي ثابت ڪري ڏيکارينديس
هو هٻڪيو، ڇو ته اها زمين منهنجي مستقبل جي ضمانت هئي، منهنجي تحفظ جو ذريعو هئي.
پر هن منهنجين اکين ۾ ٻرندڙ عزم ڏٺو، ۽ هن اهو ڪم ڪري ڇڏيو، جيڪو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو.
هن اهو پلاٽ وڪڻي ڇڏيو ۽ مون کي پنج لک روپيا ڏئي ڇڏيا.
مون داخلا جون سڀ عمل مڪمل ڪيو. مون ٻاهرين ملڪ درخواست ڏني، انٽرويو ڏنو، ڪامياب ٿيس ۽ چونڊجي ويس.
پر مان پنهنجي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائي نه سگهي، ڇاڪاڻ تہ ان دوران هڪ المناڪ واقعو پيش آيو.
منهنجي ڏاڏي، جيڪا منهنجي والد جي ماءُ هئي، وفات ڪري وئي.
پنهنجي آخري گهڙين ۾ هن منهنجي والد کان واعدو ورتو ته هو مون کي اڪيلي ٻاهر نه موڪليندو. سندس خيال ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو اڪيلي ٻاهر وڃي تعليم حاصل ڪرڻ مناسب نه هو.
هوءَ مون کي مردن جي دنيا ۾ اڪيلي نه ڏسڻ ٿي چاهي. هوءَ مون کي محفوظ ڏسڻ ٿي چاهي، ۽ سندس نظر ۾ حفاظت جو واحد هنڌ گهر جون چار ديواريون هيون.
سندس وفات جي ٻئي ڏينهن چين مان منهنجو قبوليت نامو اچي ويو.
منهنجو والد هڪ ڏکي موڙ تي بيٺو هو.ڇا هو پنهنجي ماءُ جي آخري خواهش پوري ڪندو؟
يا پنهنجي ڌيءَ جي خوابن جو ساٿ ڏيندو؟
ٽن ڏينهن جي سوڳ کان پوءِ هن فيصلو ڪري ورتو.
هو مون کي اسلام آباد وٺي ويو، منهنجو ويزا لڳرايائين، ۽ پوءِ مون کي روانو ڪري ڇڏيو.
ڏڪندڙ هٿن سان مون چين جي هڪ طرفي ٽڪيٽ خريد ڪئي.
مان صرف سورهن سالن جي هيس.
منهنجي کيسي ۾ رڳو منهنجا خواب هئا ۽ منهنجي دل ايمان سان ڀريل هئي.
منهنجو اهو ڀاءُ، جيڪو هميشه منهنجو محافظ رهيو هو، ڳڻتيءَ سان مون ڏانهن ڏٺو.
هن پڇيو “ڇا تو وٽ ڪافي پئسا آهن؟”
مون چيو ته ويزا، رهائش ۽ بنيادي خرچن لاءِ ته ڪجهه پئسا آهن، پر ان کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.
تڏهن هن پنهنجي کيسي ۾ موجود سمورا پئسا ڪڍي منهنجي هٿن تي رکيا.
جيڪي چيني ڪرنسي جا 240 يو آن هئا.
اهي ئي هٿ، جيڪي منهنجن ڳرن بيگن جو وزن به مشڪل سان کڻي سگهندا هئا، هاڻي منهنجي سڄي سفر جو وزن کڻي رهيا هئا.
مان رواني ٿي ويس.
مون پٺتي نه نهاريو.
هڪ ڀيرو به نه.
نه پنهنجي خاندان کي الوداع چوڻ لاءِ، نه انهن کي هٿ لوڏيندي ڏسڻ لاءِ.
مان هڪ اڻڄاتل دنيا ڏانهن وڌي رهي هيس، پنهنجي پاڻ تي يقين ۽ خدا تي ڀروسو کڻي.
پنهنجي آخري سال تائين مون وٽ بچت موجود هئي. جڏهن مان چين پهتيس ته منهنجي آجيان ڪرڻ لاءِ ڪو به موجود نه هو. ان رات مون پنهنجي زندگيءَ جي پهرين برفباري ڏٺي. ٿڌ هڏن تائين پهچندڙ هئي، پر منهنجي دل ۾ ٻرندڙ باهه ان کان گهڻي وڌيڪ طاقتور هئي.
مون کي اها به خبر نه هئي ته جهاز مون کي چين جي ڪهڙي علائقي ۾ لاٿو آهي، پر مون کي هڪ ڳالهه جو پورو يقين هو، منهنجو ڊاڪٽر بڻجڻ وارو سفر هاڻي واقعي شروع ٿي چڪو هو.
مان پنهنجي يونيورسٽي پهتيس، جتي منهنجن خواهشن ۽ مقصدن جا ٻج پوکي وڃڻا هئا.
مان پنهنجي خاندان جي تاريخ ۾ پهرين ڇوڪري هيس جيڪا يونيورسٽي تائين پهتي هئي، پر منهنجي ان ڪاميابيءَ تي خوشي ملهائڻ لاءِ ڪو به موجود نه هو.
مان رڳو اڳتي وڌندي رهيس، ڇاڪاڻتہ منهنجي لاءِ جشن شروعاتن لاءِ نه هوندا آهن،ويزا فيس ۽ شروعاتي خرچ ادا ڪرڻ کان پوءِ منهنجي وٽ صرف اهي 240 يوآن بچيا هئا، جيڪي منهنجي ڀاءُ مون کي ڏنا هئا.
انهن سان ئي مان هڪ اجنبي، برف سان ڍڪيل ملڪ ۾ داخل ٿيس.
نه مون کي ٻولي ايندي هئي، نه ڪو سڃاڻپ وارو ماڻهو موجود هو.
منهنجي وٽ رڳو ڪجهه گرم ڪپڙا، اوٽ ميل (دليو) ۽ کير هو.
اهو ئي پرڏيهي سرزمين تي منهنجو پهريون کاڌو هو.
سڀني مشڪلاتن جي باوجود، مون پڪو ارادو ڪيو هو ته مان هر ان ماڻهوءَ کي غلط ثابت ڪنديس، جنهن مون تي شڪ ڪيو هو.
ماڻهو چوندا هئا
“چين؟!”
“اسان ته پاڪستان ۾ به ڪجهه نه ڪري سگهياسين، هي اتي ڪيئن زنده رهندي؟”
“هي روئندي واپس موٽي ايندي، اڃا ته ٻارڙي آهي.
“هي رڳو خواب ڏسي رهي آهي، حقيقت کان بي خبر آهي.
ايستائين جو منهنجو اهو ڀاءُ به، جيڪو هميشه منهنجو سڀ کان وڏو سهارو رهيو هو، هڪ ڏينهن ٽٽي پيو.
هن منهنجا ڪلها پڪڙي چيو
“مهرباني ڪري نه وڃ. اهو تمام ڏکيو آهي. تون اڃا ٻار آهين. پرڏيهي ملڪ ۾ ڪيئن جيئندين؟”
پر مون اهو ڏينهن ئي ٻالڪپڻ پٺتي ڇڏي ڏنو هو، جنهن ڏينهن مون پنهنجي پاڻ کي چونڊيو هو.
هر رات منهنجي ماءُ جا لفظ منهنجي ذهن ۾ گونجندا هئا.
جيڪڏهن تون خالي هٿين واپس آئين ته اسان تنهنجي شادي بغير ڏاج جي ڪرائي ڇڏينداسين. پوءِ نه تو وٽ ڪو اختيار هوندو، نه ڪو مستقبل.
مان انهن لفظن کي اڻ ڏٺل زنجيرن وانگر پاڻ سان کڻي هلندي هيس.
۽ مون پاڻ سان واعدو ڪيو هو ته مان اهي زنجيرون ٻيهر ڪڏهن به نه پائينديس.
ڇاڪاڻ تہ منهنجي عمر قانوني طور ڪم ڪرڻ لاءِ گهٽ هئي، تنهنڪري مون نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي عمر بابت ڪوڙ ڳالهايو.
مان چوندي هيس ته اوڻيهه سالن جي آهيان، حقيقت ۾ مان صرف سورهن سالن جي هيس.
آخرڪار هڪ ڀرتي ڪندڙ شخص مون کي موقعو ڏنو ته مان نرسري جي ٻارن کي هڪ ڊيمو ڪلاس ڏيان.
هنن منهنجي همت ۽ اعتماد کي ڏٺو ۽ مون کي نوڪري ڏئي ڇڏي.
منهنجي ماهوار پگهار 4000 يوآن هئي.
اها ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ هئي، پر منهنجي لاءِ ڪافي هئي.
مان صرف اونهاري جي موڪلن دوران جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ڪم ڪري سگهندي هيس، ڇاڪاڻ ته چين ۾ تعليمي سيشن دوران قانوني طور ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.
مون پنهنجي سمسٽر فيس انهن ئي پئسن سان ادا ڪيون.
مان ڊاڪٽر بڻجڻ جي سفر تي به هيس، ۽ ساڳئي وقت پنهنجو گذر سفر به ڪري رهي هيس.
جڏهن اونهارو ختم ٿيو ته اها نوڪري به ختم ٿي وئي.
مان وري يونيورسٽي موٽي آيس.
وري تقريباً خالي کيسن سان.
پر منهنجي مٿي تي ڇت موجود هئي، ۽ اڳتي وڌڻ جي اميد به.
مان کلي عام ڪم نٿي ڪري سگهي، تنهنڪري مون پنهنجي هڪ استاد کان پڇيو ته ڇا هوءَ مون لاءِ ٽيوشن جو ڪو بندوبست ڪري سگهي ٿي.
هن مون لاءِ هڪ شاگرد ڳولي ورتو.هو هڪ پوليس آفيسر جو پٽ هو. جڏهن انهن مون کي ڏٺو ته شڪي نظرن سان چيائون
“تون ته پاڻ تمام ننڍي لڳين ٿي.
“هي ته تقريباً تنهنجي ئي عمر جو آهي.”
“تون هن کي ڪيئن پڙهائيندين؟
مون کِلي وراڻيو،
مون کي صرف هڪ موقعو ڏيو.
هنن مون کي آزمان جو فيصلو ڪيو.
هر هفتي ڇنڇر ۽ آچر تي هڪ ڪلاڪ.
100 يوآن في ڪلاڪ
800 يوآن ماهوار
انهن ئي پئسن سان مان پنهنجو راشن خريد ڪندي هيس. خوداعتمادي ۽ خدا جي فضل تي جيئندي هيس.
پهرين سال مون پنهنجي ٽٽل وجود جي هر ٽڪري کي عزم جي ڌاڳي سان ڳنڍيو. ٻئي سال تائين منهنجو تجربو وڌي چڪو هو. ٽئين سال تائين مان ست مختلف اسڪولن سان ڪم ڪري رهي هيس.
هر اسڪول ۾ هفتي جو صرف هڪ ڪلاڪ پڙهائڻ دوران منهنجي آمدني وڌي 10,000 کان 12,000 يوآن ماهوار ٿي وئي.
هاڻي مان صرف زنده نه هيس پر ترقي ڪري رهي هيس.
پنهنجي آخري سال تائين مون وٽ بچت موجود هئي.
مون ايتري رقم گڏ ڪري ورتي هئي جو پاڪستان ۾ اهڙي زمين خريد ڪري سگهان، جنهن جي قيمت ان پلاٽ کان پنج ڀيرا وڌيڪ هئي، جيڪو منهنجي والد منهنجي تعليم لاءِ وڪرو ڪيو هو.
مان پنهنجي تعليم تي هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي هيس. مون اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جنهن کي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا.
جڏهن مان پنهنجي ڊگري، پنهنجي عزت ۽ پنهنجي والد جي قرباني جو بدلو چڪائي واپس پنهنجي ڳوٺ پهتيس ته ماڻهو حيرت سان مون کي ڏسندا رهيا.
اهي چوندا هئا
“ڇا هيءَ اها ئي ڇوڪري آهي؟”
“اسان جي ئي ڳوٺ جي؟”
“هن واقعي اهو سڀ ڪري ڏيکاريو؟”
“هي خالي هٿ نه موٽي آهي؟”
“هي ته سڀ ڪجهه حاصل ڪري واپس آئي آهي!”
ها، مون اهو سڀ ڪري ڏيکاريو هو.
پر پوءِ به مون کي محسوس ٿيو ته ڪجهه اڃا گهٽ آهي.
جنهن ضلعي منهنجي جدوجهد کي جنم ڏنو هو، اهو اڃا به غربت، محرومي ۽ محدود موقعن جي ساڳئي چڪر ۾ ڦاٿل هو.
ڇوڪريون اڃا به ننڍي عمر ۾ شاديون ڪري رهيون هيون. نوجوانن وٽ روزگار جا موقعا نه هئا. خواب اڃا به جوانيءَ کان اڳ ئي مرندا هئا.
تڏهن مون کي احساس ٿيو
منهنجو اصل ڪم ته هاڻي شروع ٿيو آهي.
ڊاڪٽر بڻجڻ منهنجو خواب هو.
پر ليڊر بڻجڻ منهنجو مقصد آهي.
ڪجهه سال پوءِ مان پنهنجي اسپيشلائيزيشن لاءِ ٻيهر چين واپس ويس.
منهنجو اهو ڪاروبار، جيڪو مون ٻُڙي مان شروع ڪيو هو، هاڻي ترقي ڪري رهيو هو.
مون اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو هو، جنهن جو ڪڏهن خواب ڏٺو هو.
پر منهنجي دل ۾ اڃا به هڪ خال هو.
منهنجي دل انهن ماڻهن لاءِ ڌڙڪندي هئي، جن کي مان پوئتي ڇڏي آئي هيس.
مان انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ چاهيان ٿي.
مان اهڙا ادارا قائم ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪي روزگار ڏين، اميد ڏين ۽ مستقبل ٺاهين.
مان پنهنجي ضلعي ۾ تبديلي آڻڻ چاهيان ٿي، ان سرزمين ۾ جنهن مون کي زندگي جي پهرين جنگ وڙهڻ سيکاري هئي.
ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سٺا ڊاڪٽر ته گهڻا آهن، پر سٺن ليڊرن جي کوٽ آهي.
مون کي يقين هو ته مون کي ڪنهن وڏي مقصد لاءِ چونڊيو ويو آهي.
منهنجو سفر ڪو اتفاق نه هو.
اهو لکيل هو.
اهو هڪ الاهي منصوبو هو.
مون کي ان لاءِ بلند ڪيو ويو هو ته مان ٻين کي به بلند ڪري سگهان. مان پنهنجي ماڻهن لاءِ هڪ بهتر مستقبل ٺاهڻ چاهيان ٿي. مان انهن جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي. مان انهن کي اهي موقعا ڏيڻ چاهيان ٿي، جيڪي مون کي ڪڏهن نه مليا.
مان ڪجهه اهڙو ٺاهڻ چاهيان ٿي، جيڪو مون کان پوءِ به زنده رهي.اهو شعلو، جنهن کي منهنجي ڏاڏي ڪڏهن وسائڻ چاهيو هو، اڄ اڳ کان وڌيڪ روشن ٿي چڪو آهي.
مان تبديلي بڻجنديس.
مان اهو شعلو بڻجنديس جيڪو ڪڏهن نه وسامندو.
مان هميشه وانگر ٻيهر اڀرنديس.
پر هن ڀيري صرف پنهنجي لاءِ نه.
هن ڀيري پنهنجي ماڻهن لاءِ
ڇاڪاڻ تھ مان پنهنجي لاءِ ڪامياب ٿي چڪي آهيان.
هاڻي اها ڪاميابي انهن لاءِ آهي.
هاڻي هي سفر انهن لاءِ آهي.
هاڻي هي جدوجهد انهن لاءِ آهي.
۽ هاڻي منهنجي زندگي به انهن لاءِ آهي.


