ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان پهچي ويو، 21 توپن جي سلامي

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان اعليٰ سطحي وفد سان گڏ هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، جتي پاڪستان جي اعليٰ قيادت سندس آجيان ڪئي.

ايراني صدر خاص جهاز ذريعي نور خان ايئربيس تي پهتو، جتي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار،  گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي

پاڪستان پهچڻ تي ايراني صدر کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته پاڪ فضائيه جي JF-17 Thunder جنگي جهازن به فضائي سلامي پيش ڪئي. روايتي لباس ۾ ملبوس ٻارن ايراني صدر کي گلن جا گلدستا پيش ڪيا، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران جا جهنڊا کڻي بيٺل ٻارن جي خيرمقدمي نعرن جو صدر مسعود پزشڪيان هٿ لوڏي جواب ڏنو.

جنگبندي کانپوءِ پهريون اهم دورو

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازو ٿيل جنگبندي ۽ سفارتي پيش رفت کانپوءِ ايراني صدر جو هي پهريون پرڏيهي دورو قرار ڏنو پيو وڃي. پاڪستاني قيادت جي دعوت تي ٿيندڙ هن دوري دوران ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سرحدي سهڪار، علائقائي امن ۽ اقتصادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي.

سخت سيڪيورٽي انتظام

ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ غيرمعمولي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. نور خان ايئربيس ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ سخت نگراني لاڳو ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب ايراني صدر جي آمد کان واپسي تائين سيڪيورٽي ڊيوٽي لاءِ 600 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. راولپنڊي کي اسلام آباد سان ملائيندڙ اهم شاهراهن ۽ رستن تي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وي آءِ پي موومينٽ دوران ٽريفڪ جي ڪراسنگ تي پابندي هوندي.

ريڊ زون ۾ آفيسن بابت هدايتون

ايراني صدر جي دوري کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت ريڊ زون ۾ قائم ڪيترن ئي سرڪاري ادارن ۽ وزارتن جي ملازمن کي گهرن مان ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪابينا ڊويزن، ايف بي آر، ناڻي واري وزارت، پرڏيهي وزارت، گهرو وزارت، پارلياماني معاملن واري وزارت، منصوبابندي ڊويزن ۽ وزيراعظم آفيس جا ضروري ملازم معمول موجب ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.جڏهن ته ريڊ زون ۾ واقع ڪجهه خودمختيار ادارا اڄ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان-ايران لاڳاپن لاءِ اهم دورو

سفارتي ماهرن موجب ايراني صدر جو هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ علائقائي استحڪام بابت گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اهميت رکي ٿو. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ملاقاتن دوران واپار، توانائي، سرحدي سيڪيورٽي ۽ علائقائي امن بابت اهم فيصلا سامهون اچي سگهن ٿا.

Share This Article
Leave a Comment