وفاقي بجيٽ منظور،سوشل ميڊيا جي ڪمائي تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز

3 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي نئين مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب به موجود هو. اجلاس دوران فنانس بل به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته بجيٽ سان لاڳاپيل مختلف ترميمن ۽ تجويزن تي به بحث ڪيو ويو.

فنانس بل موجب سالياني 6 لک رپين تائين آمدني رکندڙ ماڻهن کي انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته مختلف آمدني وارن درجن تي هڪ سيڪڙو کان 35 سيڪڙو تائين ٽيڪس شرحون مقرر ڪيون ويون آهن.

بل ۾ سوشل ميڊيا ۽ آن لائن آمدني، بشمول يوٽيوب آمدني، تي 5 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو تي مختلف ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جون تجويزون شامل آهن، جڏهن ته بينڪنگ، فرٽيلائيزر ۽ ڪارپوريٽ شعبي تي ايڊوانس ٽيڪس، درآمد ٿيل گاڏين تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي شرحن ۾ تبديليون ۽ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ نيون ڊيوٽي شرح شامل آهي.

فنانس بل ۾ فائلرز ۽ نان فائلرز بابت قانون وڌيڪ سخت ڪرڻ جون تجويزون پڻ شامل آهن. ايف بي آر جي نوٽيسن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ، اليڪٽرانڪ ٽيڪس مانيٽرنگ سسٽم کي لازمي بڻائڻ ۽ ٽيڪس ريٽرن صرف آن لائن جمع ڪرائڻ جون شرطون به شامل ڪيون ويون آهن.

اپوزيشن جا اعتراض

بجيٽ بحث دوران اپوزيشن ميمبرن مختلف ترميمون پيش ڪيون ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪئي.

اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي حڪومت ۽ اسپيڪر جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ کي سياسي ۽ آئيني بحرانن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن عدليه، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خدشا ظاهر ڪيا.

وزيراعظم جو خطاب

اجلاس دوران وزيراعظم شہباز شریف به قومي اسيمبلي پهتو، جتي حڪومتي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم اپوزيشن اڳواڻ ۽ ٻين مخالف ڌر جي ميمبرن سان به ملاقات ڪئي.

پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جي ميزباني هيٺ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ اهم مفاهمتي پيش رفت ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي قائم ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته ايندڙ 60 ڏينهن دوران ٽيڪنيڪل ڳالهين جو عمل جاري رهندو ۽ اميد آهي ته ايران ۽ آمريڪا مستقل امن معاهدي ڏانهن اڳتي وڌندا.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ايران جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

اجلاس جي پڄاڻي تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اجلاس اربع صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

Share This Article
Leave a Comment