ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار قيامت تائين ياد رکيو ويندو: خواجه آصف

1 Min Read

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ايران واري جنگ دوران جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو هميشه ياد رکيو ويندو.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته يومِ عاشورا اهڙي موقعي تي آيو، جڏهن خطي ۾ جنگ جاري هئي. هن چيو ته ايراني قوم حضرت امام حسينؑ ۽ ڪربلا جي شهيدن جي قربانين جي ياد کي تازو ڪري ڇڏيو.

بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن جنگ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو به سدائين ياد رکيو ويندو. سندس چوڻ موجب پاڪستان جنگ بند ڪرائڻ ۽ ڌرين وچ ۾ صلح ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جنهن سبب سڄي اسلامي امت آڏو سرخرو ٿيو.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته هو دعاگو آهي ته لبنان جا ماڻهو اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کان نجات حاصل ڪن، ۽ دنيا جي جتي به مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي، الله پاڪ انهن کي آزادي ۽ امن عطا فرمائي.

Share This Article
Leave a Comment