ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ملير سٽي جي علائقي وريو جوکيو ڳوٺ، ندي ڪناري قائم ڪچي آباديءَ ۾ هڪ گهر مان ماءُ ۽ سندس معصوم نياڻي جا لاش هٿ آيا آهن.
پوليس موجب عورت جو لاش رسي سان لٽڪيل مليو، جڏهن ته سندس ننڍڙي نياڻي ڪمري اندر فوت ٿيل حالت ۾ ملي. شروعاتي جاچ موجب عورت ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي خودڪشي ڪئي، جڏهن ته سندس نياڻي کي گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي.
اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو. جاچ دوران عورت جي سڃاڻپ 30 ورهين جي صبا زال محمد حنيف ۽ نياڻي جي سڃاڻپ 8 ورهين جي نبيهه ڌيءُ محمد حنيف طور ڪئي وئي.
ايس ڊي پي او ملير سٽي عابد فضل مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پوليس عورت جي مڙس حنيف کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هو خميس جي شام کان گهر کان ٻاهر هو ۽ جمعي جي صبح واپس گهر پهتو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ ڪري رهي آهي.
هوڏانهن حراست ۾ ورتل مڙس حنيف ميڊيا کي ٻڌايو ته هو خميس ڏينهن شام 4 وڳي پنهنجي پٽ سان گڏ ڪرائي جو گهر وٺڻ لاءِ اسپتال چورنگي واري علائقي ۾ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ويو هو ۽ پنهنجو موبائل فون به گهر ۾ ئي ڇڏي ويو هو.
حنيف موجب هن خميس رات پنهنجي زال سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر موبائل فون بند هو. جمعي جي صبح ساڍي ستين وڳي ٻيهر فون ڪيو، پر موبائل بند هو. ان کانپوءِ هن پاڙيسري کي فون ڪري گهر وڃي ڏسڻ لاءِ چيو. پاڙيسري گهر پهچي لاش ڏٺا ۽ کيس اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ هو فوري طور گهر پهتو.حنيف وڌيڪ ٻڌايو ته هو پيشي جي لحاظ کان ڊرائيور آهي.
عورت جي والد محمد وارث جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ جي شادي کي ڪيترائي سال گذري چڪا هئا ۽ کيس ٻه ٻار هئا. هن چيو ته ڪجهه عرصي کان سندس ڌيءَ ذهني مسئلن جو شڪار هئي ۽ سندس علاج پڻ هلي رهيو هو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ڌيءَ تي تعويذ پڻ ڪرايا ويا هئا. هن مطالبو ڪيو ته کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ڌيءَ ۽ نواسيءَ جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.
ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو چيو ته شروعاتي جاچ موجب شبهو آهي ته صبا نالي عورت خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن ته سندس نياڻي کي ممڪن طور زهر ڏنو ويو آهي. هن چيو ته عورت ۽ سندس نياڻي جو جناح اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي ۽ موت جو حتمي سبب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي معلوم ٿي سگهندو.
پوليس آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي وقت عورت جو مڙس حنيف گهر ۾ موجود نه هو، پر پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ موجود هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس حنيف جي ڀيڻ کي به ٿاڻي طلب ڪري سندس بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي ته جيئن اها تصديق ٿي سگهي ته حنيف واقعي پنهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ موجود هو يا نه. ٻئي طرف مقتولا جي والد الزام لڳايو آهي ته سندس ڌيءَ ۽ ناٺي کي حنيف قتل ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري رکي آهي.


