واشنگٽن ڊي سي(ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اهڙا ميزائل تيار ڪري ورتا آهن، جيڪي يورپ تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جڏهن ته آمريڪا جي شهرن سين ڊياگو ۽ لاس اينجلس سميت ٻين شهرن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا.
آمريڪي رياست مسيسيپي ۾ چونڊ مهم جي ريلي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ شروع نه ڪئي، پر ايران آمريڪا خلاف جنگ شروع ڪئي.
فوجي ڪارروائيءَ جي معاشي اثرن جو دفاع ڪندي ٽرمپ چيو ته کيس اميد هئي ته جنگ سبب تيل جون قيمتون ان کان به وڌيڪ وڌي وينديون.
سندس چوڻ هو ته هو اهڙي صورتحال لاءِ مڪمل طور تي تيار هو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا وٽ ٻيو ڪو رستو نه هو ۽ اها ڪارروائي گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها.
جنگبنديءَ بابت ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته کيس جنگبنديءَ جو انتظام ڪڏهن به گهڻو پسند نه آيو. سندس دعويٰ هئي ته آمريڪا جنگبندي ڪري سٺو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس نظر ۾ اهو عمل رڳو وقت جو زيان ثابت ٿيو.


