سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي اڄ صحيحن جو امڪان، جده ۾ اهم سربراهي اجلاس

2 Min Read

رياض/جده: سعودي فوجي ذريعن موجب سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ اڄ جده ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي ملڪن جي سربراهن جي اهم ملاقات دوران دفاعي سهڪار، علائقائي امن ۽ گڏيل حڪمت عملي بابت اهم فيصلن جي توقع آهي.

فرانسيسي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي فوجي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي اڄ جده ۾ صحيحون ڪيون وينديون.

ذريعن ٻڌايو آهي ته هن معاهدي تي ڪافي عرصي کان غور هلي رهيو هو، پر علائقي ۾ تازين تبديلين ۽ سيڪيورٽي صورتحال سبب ان عمل کي تيزي سان اڳتي وڌايو ويو.

ذريعن موجب سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف اڄ جده ۾ اهم ملاقات ڪندا، جنهن دوران گڏيل دفاعي سهڪار، علائقائي سلامتي ۽ سفارتي هم آهنگي بابت ڳالهيون ٿينديون.

واضح رهي ته سعودي ولي عهد جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اڳ ئي جده پهچي چڪا آهن.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، هي دورو علائقائي امن، سفارتي تعاون ۽ گڏيل حڪمت عملي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهميت رکي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکيو ويٺو آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته آبنائي هرمز بابت اتفاقِ راءِ سان اسلام آباد مفاهمتي فريم ورڪ تي اڳڀرائي ٿيندي ۽ ايران-آمريڪا ڳالهين لاءِ به سازگار ماحول پيدا ٿيندو.

Share This Article
Leave a Comment