آمريڪا جي دفاع وارَي وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪا جو مشن هاڻي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ايران وٽ اڃا به موقعو آهي ته هو هڪ ”بهتر ۽ ڏاهپ تي ٻڌل معاهدو“ ڪري، جڏهن ته آمريڪا کي ڪنهن به معاهدي لاءِ ڪا تڪڙ ناهي ۽ نه ئي اسان وٽ وقت جي ڪا کوٽ آهي.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو ته ايران ڄاڻي ٿو ته ان وٽ هوشياريءَ سان فيصلو ڪرڻ جو موقعو موجود آهي، جنهن لاءِ کيس صرف ايترو ڪرڻو پوندو ته هو جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جو ارادو مڪمل طور تي ۽ تصديق جوڳي طريقي سان ختم ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا رڳو ڪجهه هفتن اندر ايران ۾ ”فيصلائتا عسڪري نتيجا“ حاصل ڪري ورتا آهن، جن جي ڀيٽ ويٽنام ۽ عراق جهڙن ڏهاڪن تائين هلندڙ جنگين سان نٿي ڪري سگهجي، ۽ آخرڪار ايران وٽ جوهري هٿيار نه هوندا ڇو ته هي مشن سڄي دنيا لاءِ هڪ تحفو آهي.
آمريڪي دفاعي وزير ايراني بندرگاهن جي ”ناقابلِ شڪست“ بحري ناڪابندي جو حوالو ڏيندي چيو ته هي گهيرو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تازو ايران پاران جن ٻن جهازن تي فائرنگ ڪئي وئي يا جن کي قبضي ۾ ورتو ويو، اهي عام جهاز هئا ۽ انهن جو آمريڪا يا اسرائيل سان ڪو تعلق نه هو.
پيٽ هيگسٿ جو وڌيڪ چوڻ هو ته آخر ۾ واضح ڪيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي بحريه کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن ايراني تيز رفتار ٻيڙيون هرمز جي پٽي ۾ بارودي سرنگون وڇائڻ يا آمد و رفت ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ته کين فوري طور تباهه ڪيو وڃي، اسان بغير ڪنهن هٻڪ جي تباهه ڪرڻ لاءِ فائر ڪنداسين.


