ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي سان ڊگهي عرصي کان لاڳاپيل اڳواڻ ۽ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر پير فدا حسين پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ باضابطا طور شامل ٿي ويو.
ڪراچي ۾ ٿيل شموليت واري تقريب ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور سيال، سنڌ جي نائب صدر ممتاز خان نيازي، يوٿ ڪراچي جي صدر جانشير جونيجو سميت ڪراچي ڊويزن ۽ مختلف ضلعن جا عهديدار ۽ ڪارڪن موجود هئا.
تقريب دوران حليم عادل شيخ پير فدا حسين کي پي ٽي آءِ ۾ ڀليڪار ڪندي چيو ته سياسي ڪارڪن ڪنهن به سياسي جماعت جو اهم سرمايو هوندا آهن. هن چيو ته پير فدا حسين ڊگهو سياسي پسمنظر رکندڙ ڪارڪن آهي ۽ ماضي ۾ مخدوم امين فهيم سان گڏ ڪوآرڊينيٽر طور به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.
حليم عادل شيخ موجب پير فدا حسين جو سياسي سفر پيپلز پارٽي جي ان دور سان لاڳاپيل رهيو، جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قيادت وارو نظرياتي دور قرار ڏنو ويندو آهي.
ٻئي طرف پيپلز پارٽي سان ڊگهي وابستگي ختم ڪري پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ پير فدا حسين چيو ته هو ڄمڻ کان ئي پيپلز پارٽي سان وابسته رهيا ۽ سڄي زندگي پارٽي سان گڏ گذاري.
پير فدا حسين جو چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ۽ مخدوم امين فهيم جي دور ۾ هو ان سياسي سفر جو حصو رهيا، جڏهن ته مخدوم امين فهيم سندن خاندان جي وڏن مان پڻ هو.


