ممبئي/ڪنز ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت کلي ڳالهه ڪئي آهي.
ڪنز لائنس ڪانفرنس دوران هڪ خاص سيشن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن هن فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ته اهو رستو بلڪل آسان نه هو، ڇو ته سندس والدين ڊاڪٽر هئا ۽ فلم انڊسٽري سان سندن ڪو به واسطو نه هو.
پريانڪا چوپڙا موجب ان وقت فلمي دنيا هڪ محدود ۽ مخصوص شعبي طور سمجهي ويندي هئي، جتي نون ايندڙن لاءِ رهنمائي ۽ موقعا حاصل ڪرڻ آسان نه هئا.
هن چيو ته شروع ۾ کيس به پاڻ ئي سمجهڻو پيو ته فلمي دنيا ۾ ڪهڙي طرح اڳتي وڌجي، ڇو ته گهر ۾ ڪنهن کي به ان شعبي جي عملي ڄاڻ نه هئي.
اداکاره وڌيڪ چيو ته ان وقت ڀارتي سينيما کي عالمي سطح تي اها اهميت حاصل نه هئي جيڪا اڄ آهي، ۽ اڪثر چيو ويندو هو ته ڀارتي فلمون هالي ووڊ جهڙي عالمي شهرت حاصل نٿيون ڪري سگهن، ڇو ته اهي مختلف ٻولين ۾ ٺهن ٿيون.
پريانڪا چوپڙا زور ڏنو ته وقت سان گڏ حالتون تبديل ٿيون آهن ۽ اڄ ڀارتي سينيما عالمي سطح تي پنهنجي مضبوط سڃاڻپ ٺاهي چڪي آهي.


