گرمي جي ستايل عوام لاءِ خوشخبري، برسات جي اڳڪٿي

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران آسمان جزوي طور ڪڪرن سان ڍڪيل رهڻ ۽ موسم گرم توڙي گهميل رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون، جڏهن ته رات ۽ صبح جي وقت ڪجهه هنڌن تي هلڪي بوندا باندِي جو به امڪان آهي.

شهر جو گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تي به جزوي طور ڪڪر ڇانيل رهندا، تيز هوائون هلنديون ۽ هلڪي بوندا باندِي جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ان کانسواءِ جيڪب آباد، دادو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ آنڌاريون (مٽيءَ واريون هوائون) هلڻ سان گڏ هلڪي برسات به ٿي سگهي ٿي.

Share This Article
Leave a Comment