بدين: سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج، لسٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو

1 Min Read

بدين (رپورٽر) سنڌ پوليس جي ڀرتي لاءِ 2024ع ۾ آءِ بي اي سکر پاران ورتل SPD-01 (2024) ٽيسٽ پاس ڪندڙ بدين ضلعي جي اميدوارن بدين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن جي پاس اميدوارن جون لسٽون جاري ٿي چڪيون آهن، پر بدين ضلعي جي پاس اميدوارن جي لسٽ اڃا تائين جاري نه ڪئي وئي آهي، جنهن سبب اميدوارن ۾ سخت بيچيني ۽ مايوسي پکڙيل آهي.

هنن وڏي وزير، سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته پاس اميدوارن جي لسٽ فوري جاري ڪري کين آفر آرڊر ڏنا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment