ڄامشورو: پاڻي ٽئنڪر جي ٽڪر ۾ نينگر فوت، ڊرائيور فرار

1 Min Read

ڄامشورو (باسط ملاح) مدينا نگر واري علائقي ۾ تيز رفتار پاڻي ٽئنڪر نينگر ريحان پٽ حزب الله چانڊيو کي ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو لمس اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

حادثي کانپوءِ ٽئنڪر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

شهرين ٽئنڪر مافيا خلاف ڪارروائي ۽ فرار ٿيل ڊرائيور جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment