بدين (اسحاق شيخ) بدين واسي آصف ڀٽي جو ٽنگيل لاش شاهنواز چوڪ ڀرسان هڪ گهر مان هٿ آيو، جتي هو مسواڙ تي رهائش پذير هو.
اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽم لاءِ انڊس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ جاچ کانپوءِ سامهون اچي سگهندا.


