Focus with Zardari

ٺاروشاهه ڀرسان نوجوان تي سالي کي اغوا ڪرڻ جو الزام، زال ۽ سهري جو احتجاج

1 Min Read

نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ الهدتو راڄپر ۾ ڪولهي برادري جي نوجوان راجو عرف منجي ڀيل تي پنهنجي سالي پوني ڀيل کي اغوا ڪري فرار ٿيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ناري جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج ڪندي اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

متاثر بيرو ڀيل ۽ سندس زال بختي ڀيل احتجاج ڪندي دانهيو ته هو اصل سرهاڙي جا رهواسي آهن ۽ هر سال ڦٽين جي چونڊ لاءِ نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ايندا آهن. هنن الزام هنيو ته بختي ڀيل جو مڙس منجي ڀيل پنهنجي زال ۽ ٻارڙن کي ڇڏي سندس ننڍي ڀيڻ پوني ڀيل کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي.

متاثرن ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان ناري کي فوري طور بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سموري ڀيل برادري سان گڏ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment