بدين ( رپورٽ: اسحاق شيخ ) لاڙ جي پرامن ضلعي بدين ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سومرا برادري جي سڏ تي هزارين شهرين الله والا چوڪ کان پريس ڪلب بدين تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن دوران بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ريلي جي اڳواڻي پروفيسر عبدالمنان سومرو، عمران علي سومرو، ڊاڪٽر حنيف سومرو، دانش نور سومرو، محبوب سومرو، مختيار علي خواجا، دلبر سنڌي ۽ عزيز الله ڏيرو ڪئي. احتجاجي ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي پريس ڪلب بدين پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪيو.
مقررن چيو ته بدين ۾ بدامني ايتري وڌي وئي آهي جو غريب پورهيت به پنهنجي گهر محفوظ نموني نٿو پهچي سگهي. هنن الزام هنيو ته روزانو موٽر سائيڪلون، موبائل فون ڦر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته گهرن ۽ مسجدن مان سولر پليٽون ۽ بيٽريون به چوري ٿي رهيون آهن، پر پوليس بار بار شڪايتن باوجود نه چور گرفتار ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي ڦر يا چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي سگهي آهي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس جي ناڪامي سبب هو مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهن. هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته بدين ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي، چوريون ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وڃن ۽ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.
پريس ڪلب بدين آڏو ٿيل احتجاج ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ واپاري تنظيمن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري بدامني خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو.


