اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) عالمي مارڪيٽ جي حساب سان پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني بنيادن تي طئي ڪندي، جڏهن ته حڪومت سڌي ريت قيمتون مقرر نه ڪندي.
وفاقي اطلاعات واري وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران علي پرويز ملڪ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ اها ذميواري اوگرا حوالي ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ تي ملڪ اندر به قيمتون گهٽ ٿينديون، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ ٿيڻ جي صورت ۾ روزاني بنيادن تي قيمتن ۾ اضافو به ڪيو ويندو.
پيٽروليم واري وزير موجب رياست کي وڌيڪ مضبوط ۽ قيمتن جي تعين واري نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي. هن چيو ته ليوي ۽ ڪاربن سپورٽ بابت عالمي معاهدن تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ معاهدن کان ٻاهر عوام تي ڪو به اضافي بار نه وڌو ويو آهي.
هوڏانهن وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون وڌيون هيون ته حڪومت 129 ارب رپين جو بار پاڻ برداشت ڪري عوام کي سبسڊي ذريعي رليف فراهم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اوگرا جلد ئي نئين قيمتن جي تعين بابت پنهنجو تفصيلي طريقه ڪار جاري ڪندي.
عطا تارڙ چيو ته اهو سٺو سنوڻ آهي ته ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو رجحان وڌي رهيو آهي، تيل اگهن ۾ واڌ جو سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ آهي.


