ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلال خالد ۽ اتحاد بينڊ جو نئون گيت ”tuu“ سنڌي ۽ اردو ٻولين جي ميلاپ سبب موسيقي جي شوقينن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، گيت ۾ انگريزي جا لفظ پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
گيت بلال خالد ۽ زين العابدين ڳايو ۽ ڪمپوز ڪيو آهي، جڏهن ته ٻولن ۾ ٻنهي سان گڏ صفيان احمد ۽ سلال احمد پڻ حصو ورتو آهي. گيت جي پروڊڪشن سيونٽين ڪئي آهي. گيت ۾ محبت جي تڙپ ۽ محبوب کي ساٿ نڀائڻ جو يقين ڏيارڻ کي موضوع بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ”تون منهنجي آهين“ وارا مکيا ٻول خاص طور تي ڌيان ڇڪائي رهيا آهن.
گيت جي ميوزڪ وڊيو ۾ نوجوانن کي آرڪيڊ، گروسري اسٽور ۽ فوڊ ڪائوسڪ سميت مختلف هنڌن تي وقت گذاريندي ڏيکاريو ويو آهي.
وڊيو ۾ ريٽرو انداز، هلڪي روشني ۽ بلر اثر استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڊيو جو ڪجهه حصو ڪراچي جي ڪريڪ واڪ ۾ عڪسبند هجڻ جو به اندازو لڳايو پيو وڃي.


