خيرپور (رپورٽر) مير خان سهاڳ جي گهر تي هٿياربندن مبينا طور حملو ڪري شديد فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مير خان سميت گهر اندر موجود عورتون ۽ مرد سخت زخمي ٿي پيا.
متاثرن جو چوڻ آهي ته واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس بروقت نه پهتي.
متاثرن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور ميرس کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.


