اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ گرينڊ ڊائلاگ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته مسئلن جي حل جو بهترين طريقو مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه آهي، مسئلن جي آڙ ۾ ڪو به محب وطن بندوق نٿو کڻي سگهي.
اسلام آباد ۾ بلوچستان نيشنل ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچ عوام جي تاريخ بهادري ۽ مهمان نوازي سان ڀرپور آهي. ڊائلاگ جو مقصد بلوچستان جي عوام ۽ شرڪت ڪندڙن جون ڳالهيون ٻڌڻ آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت بلوچستان جي مختلف علائقن پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته بلوچ اڳواڻن ۽ عوام پاڪستان سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته بلوچستان جي وسيلن تي اتي جي عوام جو حق آهي ۽ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي.
شهباز شريف چيو ته بلوچستان کي درپيش مسئلا ۽ چئلينجز ڳالهين ۽ باهمي مشاورت ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ به مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي.
وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، جن جي پويان دشمن ملڪن جا هٿ آهن. فتنه الخوارج دشمن ملڪن کان وسيلا حاصل ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته مزدوري ڪندڙ ماڻهن کي رڳو سڃاڻپ جي بنياد تي قتل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ جائز ناهي. رت سان ڀريل روڊ کي امن جي رستي ۾ تبديل ڪرڻ سان سڀني جو فائدو ٿيندو.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته گوادر ايئرپورٽ چين طرفان پاڪستان لاءِ تحفي طور ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن چارئي صوبا گڏجي اڳتي وڌندا.
وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوجون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قربانيون ڏئي عوام کي محفوظ بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته معرڪه حق دوران سڄي قوم هڪ جان ٻه دليون بڻجي دشمن کي منهن ڏنو.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڏيندي چيو ته بلوچستان جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن ۽ گرينڊ ڊائلاگ جو مقصد بلوچستان جي عوام جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ مسئلن جو حل ڳولڻ آهي.