سکر ۾ 9 مهينن جي ٻار کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، 2 ڇوڪريون گرفتار
سکر(رپورٽ: عبدالغفور شيخ) شڪارپور ڦاٽڪ واري علائقي گوليمار روڊ وٽ گهر اندر ستل 9 مهينن جي معصوم ٻار کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران گهر ڀاتين ٻن ڇوڪرين کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي سائيٽ ايريا پوليس پهچي ٻنهي ڇوڪرين کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس موجب ٻار جي والد ڪاشف کوسو جي فرياد تي پنجاب جي صادق آباد سان تعلق رکندڙ ٻن عورتن خلاف ڪارروائي ڪندي کين گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻار جي والد جو چوڻ آهي ته سندس 9 مهينن جو پٽ محمد طلحه کوسو گهر اندر ستل هو ته ٻن فقيراڻي ڇوڪرين مبينا طور گهر ۾ داخل ٿي ٻار کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي گهر ڀاتين وقت سر مزاحمت ڪري ٻنهي ڇوڪرين کي پڪڙي ورتو.
پوليس موجب گرفتار ڇوڪرين جي سڃاڻپ حماني ڌيءَ حبيب ۽ خاني ڌيءَ حبيب طور ٿي آهي، جيڪي صادق آباد جون رهواسي ٻڌايون وڃن ٿيون.
سائيٽ ايريا پوليس جو چوڻ آهي ته ٻار جي والد جي فرياد تي ٻنهي ڇوڪرين کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.


