انقره ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيه غزه لاءِ انساني امداد کڻي ويندڙ ’گلوبل صمود فلوٽيلا‘ کي روڪڻ ۽ ان ۾ سوار ڪارڪنن خلاف مبينا ڪارروائي جي معاملي ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سميت ٻين جوابدارن خلاف انٽرپول کان ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ترڪ خبر ايجنسي موجب ترڪي جي انصاف واري وزير اڪِن گورلڪ چيو آهي ته غزه لاءِ انساني امداد کڻي ويندڙ فلوٽيلا سان پيش آيل واقعي بابت استنبول جي 11هين هاءِ ڪرمنل ڪورٽ ۾ نيتن ياهو، افِڪ ماسڪووچ ۽ ٻين 35 جوابدارن خلاف عدالتي ڪارروائي جاري آهي.
ترڪ انصاف واري وزير موجب 14 جولاءِ 2026 تي نيتن ياهو ۽ افِڪ ماسڪووچ خلاف مبينا نسل ڪشي جي الزامن بابت گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت کي درخواست ڪئي آهي ته ٻنهي خلاف انٽرپول ريڊ نوٽيس حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي.هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل دستاويز ترڪ پرڏيهي وزارت ڏانهن پڻ موڪليا ويا آهن.
ترڪ اختيارين جو موقف آهي ته ڪيس جو تعلق بين الاقوامي پاڻي ۾ غزه لاءِ انساني امداد کڻي ويندڙ شهرين خلاف مبينا هٿياربند مداخلت ۽ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺڻ سان آهي.
ترڪ انصاف واري وزير موجب جوابدارن خلاف لڳايل الزامن ۾ انسانيت خلاف مبينا ڏوهه، نسل ڪشي، تشدد، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ ٻين ڏوهن جا الزام شامل آهن.
ترڪ وزير چيو ته غزه ۾ مبينا ڏوهن تي پردو وجهڻ يا انهن جي ذميوارن کي قانوني ڪارروائي کان بچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته ترڪي ملڪي ۽ عالمي قانون تحت موجود سمورا قانوني وسيلا استعمال ڪندو.
انٽرپول ريڊ نوٽيس ڇا آهي؟
انٽرپول جو ريڊ نوٽيس ڪنهن شخص جي گرفتاري لاءِ عالمي وارنٽ نه هوندو، پر اهو ميمبر ملڪن جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪنهن گهربل شخص بابت اطلاع ڏيڻ ۽ کيس عارضي طور گرفتار ڪرڻ جي درخواست هوندي آهي. حتمي گرفتاري ۽ حوالگي بابت فيصلو لاڳاپيل ملڪ پنهنجي قانونن تحت ڪندو.
ترڪي جي درخواست تي هاڻي اهم سوال اهو هوندو ته انٽرپول ان معاملي ۾ ڪهڙو قدم کڻي ٿو ۽ جيڪڏهن ريڊ نوٽيس جاري ٿئي ٿو ته ان جو عملي ۽ قانوني اثر ڪيترو ٿيندو.


