ليڊز ٽيسٽ، انگلينڊ هٿان پاڪستان ٽيم کي اننگ ۽ 103 رنز تان شڪست

2 Min Read

ليڊز ( ويب ڊيسڪ ) پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ-صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي.

ليڊز ۾ جاري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستاني ٽيم انگلينڊ جي پهرين اننگز جي 233 رنسن جي برتري ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ٻي اننگز ۾ صرف 135 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان محمد رضوان 41 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيو، جڏهن ته شان مسعود 29، عبدالله شفيق 15 ۽ سعود شڪيل 14 رنسون ٺاهيون.

ٻين بيٽسمينن ۾ امام الحق صفر، اذان اويس 9، ڪپتان سلمان علي آغا 4، علي عثمان 7 ۽ خرم شهزاد 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

انگلينڊ طرفان اولي رابنسن شاندار بالنگ ڪندي ٻي اننگز ۾ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ميچ ۾ سندس مجموعي وڪيٽن جو انگ 8 رهيو. جوش به ٻي اننگز ۾ 3 وڪيٽون وٺي پاڪستاني بيٽنگ لائن کي تباهه ڪيو، جڏهن ته جوفرا آرچر 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستاني ٽيم انگلينڊ جي 233 رنسن جي پهرين اننگز جي برتري جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهي ۽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ئي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست کائي وئي.

ان ڪاميابي سان انگلينڊ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ-صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

Share This Article
Leave a Comment