Focus with Zardari

تلھار: 13 ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم، وارث پريشان

1 Min Read

تلھار (رپورٽ: صابر حسين لغاري) تلھار جي وارڊ نمبر 11 جو رهواسي 13 ورهين جو نينگر ذيشان علي جتوئي پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن سبب وارث سخت پريشان آهن.

نينگر جي والد حُب علي جتوئي موجب ذيشان علي اڄ صبح گهران نڪتو هو، جنهن کانپوءِ سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو. وارثن پاران سڄي شهر سميت ويجهن عزيزن وٽ پڻ ڳولا ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، پر نينگر جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي.

نينگر جي والد ذيشان علي جتوئي جي ڳولا ۾ شهرين ۽ لاڳاپيل ادارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment