Focus with Zardari

جيڪب آباد: زرعي زمين جي پاڻي تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 ڄڻا زخمي

1 Min Read

جيڪب آباد (رپورٽر) ڳوٺ اسد رند ۾ زرعي زمين جي پاڻي تان رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون، ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ سمير رند، جميل احمد، بهادر علي ۽ عبدالمجيد رند شامل آهن، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمين جو چوڻ آهي ته رحم علي ڌر جا ماڻهو سندن واهه مان مبينا طور زبردستي پاڻي کڻي رهيا هئا، کين روڪڻ تان جهيڙو ٿيو. ઘટનي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي بابت ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment