Focus with Zardari

جوهي: ڳوٺ رحيم چنا ۾ گهٽي جي لنگهه تان جهيڙو، 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي

1 Min Read

جوهي (رپورٽر) جوهي ڀرسان ڳوٺ رحيم چنا ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهٽي جي لنگهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ هڪ ڌر جي مدينا خاتون، عرس چنو ۽ ذوالفقار چنو شامل آهن، جڏهن ته ٻي ڌر جي مسمات هوا، اڪبر چنو، مينهون خان چنو ۽ ٻيا شامل آهن.

سڀني زخمين کي علاج لاءِ جوهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

Share This Article
Leave a Comment