جيڪب آباد (رپورٽر) تعليم کاتي جي رٽائرڊ ملازم محمد حنيف لغاري جي مبينا طور وياجين جي ٽارچر سبب فوت ٿيڻ خلاف وارثن شهيد الله بخش سومرو پارڪ وٽ لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ۽ وياجين خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته محمد حنيف لغاري وياجين جي ظلم ۽ ذهني ٽارچر سبب دل جي دوري سبب فوت ٿيو.
هنن چيو ته وياجين سندن رٽائرڊ ملازم جا چيڪ گروي طور پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هئا ۽ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ باوجود کيس مسلسل هراسان ۽ ڌمڪيون ڏيندا رهيا.
وارثن موجب وياجين رٽائرمينٽ جا پئسا، پلاٽ جي وڪري مان حاصل ٿيل رقم ۽ پينشن جا چيڪ به پنهنجي قبضي ۾ رکيا هئا.
هنن الزام هنيو ته فوتي کي بار بار گهرائي دٻاءُ وڌو ويندو هو، جنهن سبب هو سخت ذهني پريشاني جو شڪار رهيو.
فوتي جي ڀاءُ امان الله لغاري مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث وياجين خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته هو پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندا.

جيڪب آباد: مبينا وياجين جي ٽارچر سبب رٽائرڊ ملازم فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو
Leave a Comment Leave a Comment

