جيڪب آباد: پوليس اهلڪارن خلاف ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي قتل جو ڪيس داخل

2 Min Read

جيڪب آباد: (حاڪم علي) هڪ ڏينهن اڳ مبينا ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان علي حيدر رواهي بليدي جي قتل جو ڪيس پوليس عملدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

مقتول نوجوان جي ڀاءُ علي نواز رواهي جي فرياد تي ميرانپور ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ فائيٽر انچارج واحد چانڊيو، اهلڪارن نصير الدين ڪلهوڙو، محمد ابراهيم اوڍو، مير محمد ڏاهاڻي ۽ موبائيل ڊرائيور قائم خان ڏاهاڻي کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس اهلڪار نصير الدين ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين نامزد پوليس عملدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. پوليس ذريعن موجب ٻيا عملدار ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ روپوش ٿي ويا آهن.

واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ فائيٽر پوليس انچارج واحد چانڊيو ۽ ٻين اهلڪارن نوجوان علي حيدر رواهي کي گرفتار ڪرڻ بعد مبينا طور ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو هو. واقعي خلاف وارثن جي احتجاج کانپوءِ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو نوٽيس وٺندي انڪوائري مقرر ڪئي هئي.

ذريعن موجب انڪوائري دوران فائيٽر انچارج واحد چانڊيو سميت ڪجهه پوليس عملدار پيش نه ٿيا ۽ پنهنجا موبائيل فون به بند ڪري ڇڏيا.

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل واري واقعي ۾ ٻن خانگي ماڻهن جي ملوث هجڻ جو به شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن بابت پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment