لاڙڪاڻو: (علي گل ڏيٿو) آريجا ڦيڙهو ڀرسان ڳوٺ پير جهانگارا ۾ افسوسناڪ حادثي دوران پير ترڪڻ سبب ٽي معصوم ٻارڙا پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا.
فوتين ۾ 5 ورهين جو محمد حسيب پٽ خالق ڏنو ڪلهوڙو، 6 ورهين جو سعيد احمد پٽ واحد بخش ڪلهوڙو ۽ سندس 3 ورهين جو ڀاءُ رضوان ڪلهوڙو شامل آهن.
وارثن موجب ٻارڙن جي رڙين تي ڳوٺاڻا پهچي کين پاڻيءَ مان ڪڍي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٽنهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته نينگر رونبي تي ويل ماڻهن کي ماني ڏئي واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا، ته رستي ۾ پير ترڪڻ سبب پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا.


