جيڪب آباد: (حاڪم علي) سول لائن ٿاڻي جي حد شڪارپور ناڪي وٽ ڪار مان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو. علائقي واسين ڪار ۾ لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو.
پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ حق باهو محلي واسي اختر علي چانڊيو طور ٿي آهي. نوجوان کي ڪنهن قتل ڪيو، ان بابت جاچ جاري آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.


