پوليس آفيسرن جون تصويرون ڏيکاري مشهوري ڪرڻ تي پابندي لاڳو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس، آفيسرن جي ذاتي مشهوري تي پابندي لڳائي ڇڏي. ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان جي 24 آگسٽ 2026 واري سرڪيولر موجب سرڪاري بينرن، پوسٽرن، بل بورڊن، گاڏين، عمارتن، سوشل ميڊيا ۽ ٻي ميڊيا تي ڪنهن به پوليس آفيسر جون تصويرون يا پورٽريٽ استعمال نه ڪيا ويندا.

سرڪاري مشهوري ۾ پوليس جي اداري، عوامي خدمت، ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويندو. پوليس شهيدن جون تصويرون يادگار تقريبن لاءِ استعمال ڪري سگهبيون.

حڪمن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

پوليس ترجمان موجب مقصد ڪنهن فرد جي مشهوري بدران اداري تي عوام جو اعتماد مضبوط ڪرڻ آهي.

Share This Article
Leave a Comment