Focus with Zardari

حرمين شريفين جي حرمت ۽ سلامتي تي سوديبازي نه ٿيندي: وزيراعظم  شهباز شريف

2 Min Read

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حرمين شريفين جي حرمت، تقدس ۽ سلامتي پاڪستان لاءِ ريڊ لائن آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ مقدس هنڌن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ آهي ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف ناهي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پڻ واضح ڪري چڪي آهي ته معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن رياست خلاف نئون بلاڪ ٺاهڻ لاءِ ناهي.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته سعودي عرب خلاف تازن حملن ۽ مڪي شريف جي سلامتي کي خطري بابت پاڪستان پنهنجي ڳڻتي ۽ مذمت ظاهر ڪري چڪو آهي.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري تڪرار بابت وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏئي رهيو آهي. نيويارڪ ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات دوران پڻ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

- Advertisement -

وزيراعظم چيو ته جنگ سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ معيشت کي نقصان پهتو آهي، تنهن ڪري ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ ضروري آهن.

Share This Article
Leave a Comment