Focus with Zardari

حيدرآباد: ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب 13 ورهين جو نينگر فوت، رولو ڪتن جي آزار خلاف شهرين جو احتجاج

1 Min Read

حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) لطيف آباد يونٽ نمبر 8 جو رهواسي 13 ورهين جو انعام الله پٽ عبدالعزيز ڪتي جي ڏاڙهڻ کان 2 مهينا پوءِ اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.

ذريعن موجب، نينگر کي 2 مهينا اڳ ڪتي ٻانهن ۾ چڪ پاتو هو، پر شروعاتي طور کيس ريبيز کان بچاءَ جي ويڪسين نه لڳي هئي.

ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، پر ايڇ ايم سي، لاڳاپيل ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن جي انتظاميا پاران ڪتن خلاف اثرائتي مهم شروع ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

شهرين موجب، ٻه ڏينهن اڳ خورشيد ٽائون ۾ پڻ ڪتي هڪ معصوم نينگر کي ڏاڙهيو هو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا هئا.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment