Focus with Zardari

گهوٽڪي: ايم فائیو موٽروي تي حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 5 زخمي

1 Min Read

گهوٽڪي (رپورٽ: علي رضا راجپوت) ايم فائیو موٽروي تي قطب الدين شاهه سروس ايريا ويجهو خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.

مزدا بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صفيا، عبدالروف ۽ عاشق حسين فوت ٿي ويا، جڏهن ته زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حادثي جو شڪار خاندان جو تعلق خان بيلا، رحيم يار خان سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ڪراچي مان هڪ ميت کڻي رحيم يار خان وڃي رهيو هو. شروعاتي اطلاعن موجب، ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب حادثو پيش آيو. واقعو موٽروي جي لوڪيشن نمبر 464 تي پيش آيو.

واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي موٽروي غلام قادر سنڌو ۽ ڊي ايس پي اقبال جاويد بٽ اسپتال پهچي زخمين جي حالت ۽ حادثي بابت تفصيل معلوم ڪيا.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment