اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت مسلسل ٻئي ڏينهن به پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي مقرر ڪيل ميڪينزم تحت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي آندي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، نئين قيمتن تي عملدرآمد 5 آگسٽ 2026ع کان ٿيندو.
نوٽيفڪيشن مطابق، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 4 رپيا 7 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 389 رپيا 93 پئسا مان گهٽجي 385 رپيا 86 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 3 رپيا 39 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 328 رپيا 56 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي قيمت 331 رپيا 95 پئسا في ليٽر هئي.


