حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن پاران 26 ۽ 27 آگسٽ لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 12 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 343 رپيا 10 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح ڊيزل جي قيمت ۾ پڻ هڪ رپيو 11 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 371 رپيا 80 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment