Focus with Zardari

اسلام آباد: پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه، 15 نوان ڄاول ٻارڙا فوت

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6:45 وڳي باهه لڳڻ سبب 15 ٻار فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب باهه ايئر ڪنڊيشن ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب لڳي.

اسپتال انتظاميا موجب باهه وقت نرسري ۾ 16 ٻار موجود هئا، جن مان هڪ کي بچايو ويو. ضلعي انتظاميا موجب حادثي ۾ 14 ٻار مڪمل طور سڙي ويا. امدادي ڪارروائين ۾ فائر بريگيڊ جون 6 گاڏيون ۽ 4 ايمبولينسون شامل رهيون.

باهه تي ضابطو آڻڻ بعد نرسري ۾ ڪولنگ جو عمل شروع ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پمز اسپتال جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻارن جي فوتگين تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

- Advertisement -

وزيراعظم واقعي جو نوٽيس وٺندي اختيارين کي فوري جاچ جون هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته واقعي جي سببن جو تفصيلي جائزو وٺي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment