اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو وزيراعظم شهباز شريف کي صلاح ڏيندو ته وفاقي ڪابينا جي سمورن وزيرن جي ڪارڪردگي جو ٽئين ڌر کان جائزو ورتو وڃي ۽ ان جا نتيجا عوام آڏو پيش ڪيا وڃن.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ٽئين ڌر جي جاچ سان واضح ٿيندو ته ڪهڙي وزارت ڪيترو ڪم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاسن ۾ سندس حاضري لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو رهي آهي.
هن پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ چيو ته جن ماڻهن چيو ته هن 30 سالن جو سفر ٽن سالن ۾ طئي ڪيو، هو انهن جو شڪرگذار آهي.
گهرو وزير چيو ته هو اڄ به پنهنجي ان موقف تي قائم آهي ته ملڪ جو نظام ڊگهي عرصي کان تباهه رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن نظام صحيح نموني ڪم ڪري رهيو هجي ها ته ملڪ گهڻو اڳتي وڌي چڪو هجي ها. هن واضح ڪيو ته هن حڪومت تي تنقيد نه ڪئي، ڇو ته هو پاڻ به حڪومت جو حصو آهي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو سندس ۽ وزيراعظم جي لاڳاپن ۾ خرابي ڏسڻ چاهين ٿا، پر حڪومت پنهنجو پنجن سالن وارو آئيني مدو ضرور پورو ڪندي ۽ شهباز شريف ئي پنج سال وزيراعظم رهندو.
هن چيو ته وزيراعظم روزانو 14 کان 16 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايف بي آر جي آمدني ۾ واڌ، سفارتي ڪاميابين ۽ ٻين قدمن سان ملڪ صحيح رخ ڏانهن وڌي رهيو آهي.


